سلمان خان جو نئون ٽيلينٽ سامهون اچي ويو، وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جتي پنهنجي دبنگ اداڪاري سبب مشهور آهي اتي ئي هن ۾ هڪ انوکو ٽيلينٽ به موجود آهي جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي اداڪار سلمان خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن کي پورٽريٽ ٺاهيندي ڏسي سگھجي ٿو.
وڊيو ۾ سلمان خان کي چارڪول پينسل جي مدد سان ٻه انساني شڪليون ٺاهيندي ڏسي سگھجي ٿو.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اداڪار ڪڏهن پينسل سان ته ڪڏهن پورٽريٽ کي مڪمل ڪرڻ لا3 پنهنجن هٿن ۽ آڱرين جو به استعمال ڪري ٿو.
سلمان خان جي ان لڪيل ٽيلينٽ کي ڄاڻي سندس مداح حيران ٿي رهيا آهن ۽ سندس ساراهه به ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته سلمان خان نه رڳو بهترين اداڪار ۽ آرٽسٽ آهي پر هو پنهنجي هڪ غير سرڪاري تنظيم ”بينگ هيومن“ به هلائي رهيو آهي جنهن سان هو ضرورتمندن جي خدمت به ڪندو رهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.