ليول پليئنگ فيلڊ بابت شڪايت ڪنهن ٻئي سان نه ن ليگ سان آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ن ليگ سان آهي ۽ مون کي يقين آهي ته نواز شريف واپس اچي پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏيندو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ن ليگ کان آهي، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سڀ سياسي پارٽيون گڏجي چونڊن جو مطالبو ڪن ها، ن ليگ بندوبست ڪيو ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ٿئي ته شڪايت انهن خلاف ئي هوندي، ڪنهن ٻئي سان هجي ها ته مان ان جو نالو کڻان ها، پ پ جا ان حوالي سان اعتراض سياسي جماعت سان آهن.
هن چيو ته چونڊن جي اعلان جو اختيار نه اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي ۽ نه مون وٽ آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، چونڊن جي تاريخ جو فوري طور اعلان ٿيڻ گهرجي.
سندس موجب ترقياتي فنڊن جي منصوبن تي قانون واضح آهي ته منظور ٿيل منصوبا جاري رهڻ گهرجن، جيڪڏهن رڳو 90 ڏينهن لاءِ روڪڻ جي ڳالهه هجي ها ته مسئلو نه هو پر اسان کي ته چونڊن جي تاريخ ئي نظر نه پئي اچي، تنهن ڪري مسئلو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ائين نٿو ٿي سگهي ته سنڌ جي بجيٽ واري اسڪيم کي اجازت نه پيو پر وفاق ۽ ٻين صوبن ۾ اسڪيمون جاري رهن، اتي ته مزيدار اسڪيمون شروع ڪيون پيون وڃن، ججن کي بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، يا ته ڪنهن به صوبي ۾ اسڪيم نه هجي يا وري سڀني کي اجازت هجڻ گهرجي، روايت سڀني لاءِ هڪ هجڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين چيو اسان جو پراڻو مطالبو هو ته نواز شريف واپس اچي، پ پ سندس آجيان ڪندي، اسان به پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، مون کي يقين آهي ته نواز شريف به ڪيسن کي منهن ڏيندو، پ پ اڳواڻن خلاف نيب ڪيس پراڻا آهن، جيڪي موجوده چونڊن تي اثرانداز نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.