آءِ فونز جي نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ 8 نوان فيچرز شامل؟

ايپل آءِ فونز لاءِ نئون آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس 17 سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن کي ڊوائسز تي انسٽال ڪري سگھجي ٿو.

18 سيپٽمبر تي ڪمپني طرفان ان نئين آپريٽنگ سسٽم کي جاري ڪيو ويو جنهن جو مقصد آءِ فونز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي.

آءِ فون ايڪس ايس، ايڪس ايس ميڪس، ايڪس آڙ، آءِ فون 11، 11 پرو، 11 پرو ميڪس، آءِ فون 12، 13 ۽ 14 سيريز جي فونز ۾ ان نئين آپريٽنگ سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ممڪن هوندو.

آءِ او ايس 17 جا ڪجهه بهترين فيچرز هيٺ بيان ڪجن ٿا.

پهريان کان بهتر ڪي بورڊ آٽو ڪريڪٽ

آءِ فونز جي ڪي بورڊ جي آٽو ڪريڪٽ فنڪشن ۾ مشين لرننگ اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي ته جيئن اهو ٽائپنگ دوران لفظن يا جملن جي بهتر اڳڪٿي ڪري سگھي.

هاڻ واهپيدار جڏهن ٽائپ ڪري ڪندو ته ڪي بورڊ طرفان لفظ يا جملا تجويز ڪيا ويندا.

ڪانٽيڪٽ پوسٽرز، وڊيو ميسيجز ۽ لائيو وائس ميل

ڪانٽيڪٽ پوسٽر واهپيدارن جي تصوير، ٽيڪسٽ ۽ مختلف رنگن تي ٻڌل هوندو جيڪو اوهان جي فون ڪال ٻڌندڙن جي آڏو ڪانٽيڪٽ ايپ ۾ نظر ايندو.

اهڙي طرح نيم ڊراپ جي نالي سان به هڪ فيچر جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ذڙيعي ڪنهن به آءِ فون يا ايپل واچ جي ويجهو ڊوائس آڻي ڪانٽيڪٽ انفارميشن کي شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو.

فون ايپ ۾ پاڻمرادو ٽرانسڪرائپ وائس ميل ميسيجر جي فيچر جو اضافو به ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذڙيعي وائس ميل کي موصول ٿيندڙ ان جو مضمون ڄاڻڻ ممڪن هوندو.

فيس ٽائم استعمال ڪندڙ هاڻ وڊيو وائس ميل به موڪلي سگھندا جڏهن ته وڊيو ڪالز کي ايپل ٽي وي باڪس استعمال ڪندڙ ٽي وي ذريعي ڪرڻ به ممڪن هوندو.

نئين جرنل ايپ

ايپل طرفان نئين جرنل ايپ به متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ ان لاءِ مشين لرننگ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويندو.

اسٽينڊ باءِ فيچر

اهو فيچر آءِ فون جي لاڪ اسڪرين کي سمارٽ هوم ڊوائيس جيان جي ڊسپلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.

ان فيچر سان فون لاڪ ٿيڻ تي به ڊسپلي تي موسم، ڪلينڊڙ اپائنٽمنٽس ۽ نوٽيفڪيشنز سوڌو ٻين کي ڏسڻ ممڪن هوندو.

آف لائين ايپل ميپس

ايپل ميپس تائين آف لائين پهچ کي به يقيني بڻايو پيو وڃي، اهو فيچر گوگل ميپس جي آف لائين ميپس جهڙو ئي آهي.

چيڪ ان

چيڪ ان واهپيدارن جي تحفظ لاءِ متعارف ڪرايل هڪ نئون فيچر آهي جنهن سان واهپيدار پنهنجن دوستن يا گھروارن سان لوڪيشن شيئر ڪري سگھندا.

لوڪيشن شيئر ڪرڻ کان پوءِ ايپل سسٽم پاڻمرادي طور تي اوهان جي گھر پهچڻ تي دوستن يا گھر وارن کي آگاهه ڪندو.

جيڪڏهن ڪنهن سبب جي دير ٿي وڃي ته سسٽم طرفان لوڪيشن، بيٽري لائيف ۽ ٻيا تفصيل ڪانٽيڪٽ سان شيئر ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.