جسماني وزن گھٽائڻ لاءِ ورزش جو بهترين وقت ڪهڙو آهي؟

ورزش هڪ ماڻهو جي صحت لاءِ فائديمند هوندي آهي پر جسماني وزن ۾ گھٽتائي لاءِ ڪهڙو وقت بهترين هوندو آهي؟
ان سوال جو جواب هڪ نئين طبي تحقيق ۾ ڏنو ويو.
جرنل Obesity ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ورزش ذريعي جسماني وزن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ صبح جو وقت بهترين هوندو آهي.
ان تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ورزش ڪرڻ وقت ۽ جسماني وزن ۾ گھٽتائي وچ ۾ ٺوس واسطو موجود آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته صبح جو 7 وڳي کان 9 وڳي دوران ورزش ڪرڻ جسماني وزن ۽ چيلهه جي گهيراءَ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ بهترين هوندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ ٻيپهري يا شآم جو ورزش ڪندڙن ۾ اهو واسطو ڪمزور هوندو آهي.
تحقيق ۾ 5285 ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي جيڪي 2003ع کان 2006ع وچ ۾ نيشنل هيلٿ اينڊ نيوٽريشن سروي جو حصو بڻيا هئا.
محققن انهن ماڻهن کي ورزش جي وقت (صبح، ٻيپهري يا شام) موجب ٽن ڌڙن ۾ ورهايو.
اهي ماڻهو سڄي هفتي ۾ 150 منٽن تائين سخت ورزش ڪرڻ جا عادي هئا.
نتيجن مان خبر پئي ته صبح جي وقت ورزش ڪندڙن جو جسماني وزن ٻين ڌڙن ۾ شامل ماڻهن کان گھٽ هو جڏهن ته اهي غذا جي گھٽ مقدار جو به استعمال ڪندا هئا.
تحقيق مان اها به خبر پئي ته صبح جو ورزش ڪندڙ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت ويهي يا سمهي گذارڻ جا عادي هئا، پر پوءِ به صحتمند جسماني وزن برقرار رهيو.
محققن موجب نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته جسماني وزن ۾ گھٽتائي لاءِ ورزش جو وقت به اهميت رکي ٿو.
سندن چوڻ هو ته ورزش سان گڏوگڏ ان جي وقت جو خيال رکڻ به ضروري آهي خاص طور تي جيڪڏهن اوهان جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ جا خواهشمند آهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.