ڀارتي اداڪار جي ڌيءَ مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي اداڪار، ميوزڪ ڊائريڪٽر، گلوڪار ۽ فلم ساز وجي اينٽوني جي ڌيءَ جو لاش گھر مان هٿ آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب اداڪار جي 16 ورهين جي ڌيءَ ميرا ذهني دٻاءَ جو شڪار هئا، هن مبينا طور تي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.
سندس لاش چنئي شهر ۾ 18 سيپٽمبر جي رات جو 3 وڳي گھر مان ٽنگيل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ميرا چنئي شهر جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ 12 هين جماعت ۾ پڙهندي هئي.
رپورٽس موجب ميرا کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
ڀارتي ميڊيا موجب وجي ۽ سندس خاندان طرفان هيل تائين واقعي تي ڪو به آفيشل بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.