آڊيو ليڪس: حڪومت جواب نه ڏنو ته ايجنسين کي ڌر بڻائينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي فون بگنگ  ۽ آڊيو ليڪس بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت جواب ڏئي نه ته انٽيليجنس ايجنسيون سڌي ريت ملوث هونديون.عدالت گهرو وزارت ۽ پي ٽي اي جي لکت واري جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي ٻيهر تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو، جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏيندي چيو ته جواب مان لڳي ٿو ته ڪو به رڪارڊ نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، رڪارڊنگ جي سهولت ناهي. .جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا ته لکت ۾ عدالتي سوالن جا جواب نه ڏنا وياان کان اڳ وڪيل لطيف کوسا عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي مسز بشرا عمران کي روز فون ڪندي آهي ۽ ان کي آواز رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چوندي آهي ته جيئن اهي وائس ميچنگ ڪري سگهن.لطيف کوسا چيو ته بشريٰ بي بي کي بار بار طلب ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي، اسان درخواست ڪريون ٿا ته ايف آءِ اي کي بشرا بي بي کي حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.