مهراڻ يونيورسٽي ۾ هراسان ڪرڻ جو معاملو، ڪلارڪ معطل

حيدرآباد(اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگردياڻي کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جي معاملي ۾ يونيورسٽي انتظاميه ڪلرڪ  کي معطل ڪري ڇڏيو. هراسمينٽ ڪاميٽي ۾ شاگردياڻي بيان رڪارڊ ڪرائيندي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ شعبي ميڪٽرومڪس جي شاگردياڻي طرفان جنسي هراسمينٽ جي شڪايت تي يونيورسٽي انتظاميه آءِ ٽي جي سينئر اسسٽنٽ محمد ابراهيم لاشاري کي معطل ڪري کيس رجسٽرار آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي جي هراسمينٽ ڪميٽي شاگردياڻي جا بيان رڪارڊ ڪيا. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته معطل ٿيل اسسٽنٽ محمد ابراهيم لاشاري جو بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ويندو ۽ کيس صفائي جو پورو موقعو ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.