راڻيپور(رپورٽ:فياض حسين راڄپر ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي اندر مبينا طور تي قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو تعزيت ڪئي، واقعي بابت تفصيل پڻ ورتا، جنھن بعد وارثن جي خيرپور پوليس جي نااهلي خلاف دانھون پڻ ڪيون، ڊي آءِ جي پاران وارثن کي مڪمل انصاف جي خاطري پڻ ڪرائي وئي، ان موقعي تي ساڻس ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ ھئا، ان موقعي تي پوليس اڳيان فاطمه جي امڙ دانھيندي چيو ته پوليس جو نئون مقرر ٿيل جاچ آفيسر صفي الله سومرو تي اسان کي اعتماد ناهي، ان کي ھٽائي اتي ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو وڃي، مسمات شبنم ڦرڙو پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جي مک قاتل اسد شاھ کي ايئرڪنڊيشن مھيا ڪئي وئي آهي، جڏھن ته پوليس جي جاچ ٽيم ھن وقت تائين جوابدار اسد شاھ جي موبائيل جو پن ڪوڊ پڻ حاصل ناهي ڪري سگهي، جڏھن ته اڃان ٻيا به مک ڪردار جوابدار سيد فياض شاھ ۽ بي بي حنا شاھ اڃا پوليس گرفتار ناھن ٿي سگهيا، فاطمه ڦرڙو جي پيءُ نديم ڦرڙو ۽ ماءُ شبنم ڦرڙو ڊي آءِ جي سکر آڏو دانهيندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ناحق ٿيو آھي، اسان کي انصاف ڏنو وڃي جي ائين نه ٿيو ته اسان پاڻ کي ڪورٽ آڏو باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين جنھن تي ڊي آءِ جي کرن يقين ڌياني ڪرائي ته اوھان کي انصاف ضرور ملندو.
حويلي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، اهم گرفتاريون، حنا ۽ فياض شاهه هٿ نه آيا
راڻيپور (ن ع آ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پيرن جي حويلي ۾ ليڊيز پوليس سان گڏ سرچ آپريشن ڪيو ويو، اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهينو ڪيس کي گذري ويو آھي مک جوابدار گرفتار آھي، جڏھن ته فريادي ڌر طرفان نامزد پير فياض شاھ ۽ حنا شاھ گرفتار نه ٿي سگهي آھي ان لاءِ اطلاع ملڻ تي پيراڻي حويلي ۾ سرچ آپريشن ڪيو آھي، روپوش جوابدار جيستائين گرفتار نه ٿيندا تيستائين آپريشن جاري رهندو، هن وڌيڪ چيو ته پير اسد شاھ جو موبائل پراپر طور تي فرازنڪ لاءِ ڏنو آھي جنھن جي رپورٽ جلد ڏني ويندي پوسٽ مارٽم رپورٽ پراپر طريقي سان نه ملي آھي، پوسٽ مارٽم جي ماسٽر ڪاپي ملندي ته ڪيس ۾ شامل ڪري چالان پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪيس جو مڪمل چالان پيش نٿا ڪري سگهون جيڪڏهن جوابدار پاڻ پيش ٿيندا ته ڪيس جلد مڪمل ٿي ويندو ۽ مڪمل جاچ ڪري سگهبي هن وڌيڪ چيو ته پوليس پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آھي، فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ سهولتڪارن کي حراست ۾ ورتو آھي جاچ ڪري جلد کان جلد ڪيس ۾ اڳڀرائي نظر ايندي، جڏهن ته پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦررڙو جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي اي ايس پي گمبٽ جي اڳواڻي ۾ پوليس جي راڻيپور ۾ ڪارروائي درگاھ غوثيه دستگير جي گادي نشين جي ڀاءُ پير سيد شاھ زيب شاهه کي پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي اهم ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته پير شاهه زيب شاهه کي پير فياض شاهه ۽ حنا شاهه جي گرفتاري جي حوالي سان پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته حويلي ٻاهران شاھاڻي برادري جي ٻن ڄڻن فاضل شاھاڻي ۽ ماجد شاھاڻي کي حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل پڻ ڪري ڇڏيو.
نظام ۾ سزا تي عمل نه ٿيڻ ڪري واقعا ٿين پيا:علامه ارشاد نقوي
راڻيپور : شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي وفد خانواھڻ پھچي شھيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي علماءِ ڪائونسل جي صوبائي صدر علامه سيد ارشاد حسين نقوي علامه اسد اقبال زيدي علامه سيد محسن علي نقوي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ھن نظام ۾ سزا تي عمل نه آهي جنهن سبب ھي واقعا ٿي رهيا آهن، فاطمه جي نالي جي ڪري نياڻي جي واقعي جو مسئلو ظاهر ٿيو، ظلم خلاف آواز بلند ٿيو آهي ان ۾ ميڊيا جو اھم ڪردار آھي ھتي قانون ۾ غريب امير وارو فرق نه ھجڻ گھرجي، ھن واقعي کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو وڃي ته جيئن وري سماج ۾ اھڙا واقعا رونما نه ٿي سگھن.
فاطمه جي وارثن پاران ڪيس جي مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
راڻي پور : فاطمه ڦرڙو جي وارثن پاران ڪيس جا مک جوابدارن جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج مظاھرو ڪيو ويو، وارثن پاران نئين چيف چسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي وئي، پيراڻي حويلي اندر مبنيا طور تي قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سندس امڙ شبنم ڦرڙو، نديم ڦرڙو، مھر علي ۽ ٻين پنھنجي گھر ٻاھران احتجاج ڪندي چيو ته پوليس پير فياض شاھ ۽ بي بي حنا شاھ کي گرفتار ڪري نه سگھي آھي. جنھن تي اسان کي خدشا ظاھر ٿي رھيا آھن. جڏھن ته گرفتار اسد شاھ کي پوليس پڻ شاھي پروٽوڪول ڏئي رھائي وٺي آھي، هنن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسين پاڻ کي ڪورٽ ٻاھران باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.