حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) جيئي سنڌ محاذ پاران ”ڌاري آبادڪاري: سنڌ کي فلسطين ٿيڻ کان بچايو“ جي نعري ھيٺ ٿڌي سڙڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ۽ عورتن سميت کاٻي ڌر ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو، وائيس چيئرمين پروفيسر امير چانڊيو، هاشم کوسو ۽ خالد جوڻيجو ڪري رھيا ھئا، جڏھن تھ پورھيت مزاحمت تنظيم جي صدر مسرور شاھھ، ليکڪ امان الله شيخ، نثار لغاري، ايڊووڪيٽ محب آزاد، سلميٰ جوڻيجو، نسيم سمون، امرتا آزادي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ريلي گل سينٽر، حيدر چوڪ ۽ گول بلڊنگ کان ٿيندي حيدرآباد پريس ڪلب پھتي، ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف نعريٰ لکيل ھئا. پريس ڪلب سامھون ريلي پھچڻ تي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو تھ ھڪ طرف سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪئي پئي وڃي تھ ٻئي طرف ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن کان وڏي تعداد ۾ ماڻھو سنڌ ۾ آباد ڪيا پيا وڃن، جنھن جو مقصد رڳو اھو ئي آھي تھ ڌارين جي آبادي ايتري وڌائي وڃي جو سنڌ تھ رھي پر سنڌي ۽ سنڌيت باقي نھ بچي. ھن چيو تھ ڌارين جي آبادڪاري ذريعي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ۽ بي وطن ڪرڻ جو اڄوڪي جديد دنيا ۾ سڀ کان وڏو مثال فلسطين آھي، ھن چيو تھ اسان سنڌ ۾ وڌندڙ ڇڙواڳ ۽ اڻکٽ ڌاري آبادڪاريءَ کي سنڌي قوم لاءِ وجودي خطرو سمجهون ٿا، ان کي 21 ھين صدي جي ڪالونيلزم جي ھڪڙي شڪل سمجھون ٿا، ان ڪري ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد حقيقت ۾ سنڌ جي قومي بقاءَ جي جنگ آهي، ھن چيو تھ ترقي جي نالي تي سنڌ جي زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن کان ماڻهو سرڪاري سرپرستي ۾ آڻي آباد ڪيا پيا وڃن، ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ دوران يورپي سامراجين به ترقيءَ جي نالي تي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضا ڪيا ھئا، ويھين ۽ ايڪويهين صديءَ ۾ ڌاري آبادڪاري ذريعي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ قومن جي شناخت ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، مذھب جي نالي ۾ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري 75 سالن کان جاري آهي، پوءِ وري ترقيءَ جي آڙ ورتي وئي، انھن سڀني حربن خلاف سنڌي ماڻھن جي چٽي موقف ۽ لڳاتار جدوجهد کي ڏسندي ھاڻي وري ھڪڙا ماڻھو غربت جي نالي ۾ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي وڪالت ڪري رھيا آھن، اسان واضح ڪريون ٿا ته ڪنھن به نالي ۾ ۽ ڪھڙي به نالي تي سنڌ ۾ آبادڪاري قبول ناھي. پروفيسر امير چانڊيو چيو تھ اسان مطالبو ٿا ڪريون ته افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي، مسرور شاھھ چيو تھ سنڌ سدائين مصيبتن جو شڪار رھي آھي ۽ اھو سلسلو ڪڏھن بھ رڪيو ناھي. ھن چيو تھ سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ جماعت پيپلزپارٽي جڏھن کان وجود ۾ آئي آھي تڏھن تھ سنڌين تي ٿيندڙ ظلم، ناانصفي ۽ ڦرلٽ ۾ تيزي ايندي رھي آھي.