بنگلاديش ۾ ڊينگي سبب فوتگين جو انگ 800 کان وڌي ويو

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ ڊينگي سبب فوتگين جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي. چيني خابرو  اداري مطابق بنگلاديش جي صحت واري وزارت ڊينگي بابت انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو ته هلندڙ سال هن وقت تائين 164562  ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 800 کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي بخار سبب فوت ٿي چڪا آهن. رپورٽ مطابق مجموعي طور تي 804 فوتگين ۾ سيپٽمبر ۾ 211، آگسٽ ۾ 342 ۽ جولاءِ ۾ 204 فوتگيون شامل آهن. سيپٽمبر ۾ هن وقت تائين ڊينگي جا 40754 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.