سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جو راڄ ڪڏھن ختم ٿيندو؟

تحرير: حسن جان سومرو

اڄ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، ماڻھو روڊن رستن واھڻ وستين توڙي پريس ڪلبن اڳيان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن. احتجاج جو اھو دائرو جيڪو ڪنھن شھر تائين محدود ھوندو ھو اڄ احتجاجن جي ان دائري سموري سنڌ کي پنھنجي لپيٽ ۾ آندو آھي. احتجاجن جو ختم نه ٿيندڙ سلسلو ان ڳاله جي ثابتي آھي ته سنڌ بدامني جھڙي باھ ۾ وڪوڙجي چڪي آھي. جيڪا بدامني ڳوٺن توڙي شھرن کي راڪاس وانگي کائي رھي آھي.جنھن جي ڪري ماڻھو عدم تحفظ جو شڪار آھن.

اليڪٽرانڪ ميڊيا ھجي يا پرنٽ ميڊيا ھجي يا کڻي سوشل ميڊيا ھجي.ھر طرف رڳو بدامني جو وڌندڙ لاڙو نظر ايندو. عوام امن لاءِ پريشان آھي.برداشت ختم ٿي رهي آهي. محبت، ڀائيچارو، سچائي ۽ انصاف امن جا بنيادي يونٽ آهن، پر اهي سماج مان غائب ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ ڏوهن، بدامني، بي اعتمادي ۽ عدم برداشت ۾ اضافو ٿيو. ان کان سواءِ سماج ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهي. اهو ئي عمل اڄ ملڪ جي گهرن ۾ ورجايو پيو وڃي. رياست ۽ سياستدان پريشان نظر اچن ٿا. حڪومت اپوزيشن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اپوزيشن حڪومت کي نشانو بڻائي رھي آهي. جيڪا رياست ماءُ وانگر ھوندي آھي جيڪا رياست عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي ضامن ھوندي آهي. اڄ اھا رياست خود تنزلي جو شڪار آهي. جيڪڏھن رياست ۽ حڪومت ذميواري نه کڻندي ته ڪير ذميواري کڻندو؟

جيڪڏهن اسان پنهنجي آس پاس جي حالتن جو جائزو وٺون ته فردن کان وٺي خاندانن تائين توڙي ملڪي سطح تي به حالتون اهڙي ئي خرابيءَ جو شڪار آهن. ان جو سبب معاشي مسئلن کان ويندي بي يقيني غربت ناانصافي سماجي بي حسي ۽ تشدد ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آهي. جيستائين انصاف ۽ قانون سڀني لاءِ برابر نه هوندو ۽ ان تي سختي سان عمل نه ٿيندو، تيستائين معاشرو بهتر نه ٿيندو. ان سان گڏ اسان کي پنهنجي روين تي به نظر رکڻ گھرجي. ڇو ته تبديلي صرف چوڻ سان نه ايندي آهي. تبديلي آڻڻ لاءِ عمل ضروري آهي، جيئن  علامه اقبال فرمايو آهي ته، زندگي جنت ۽ دوزخ عمل سان ٺهندي آهي. ۽ جيڪو اڄ پوکيو سو سڀاڻي لڻيندؤ.سڄي ملڪ ۾ امن امان خراب ٿي چڪو آهي. شهري سخت پريشاني ۽ بدامني جو شڪار آهن. هر گهر ۽ هر شهري خوف جي فضا ۾ گھريل آهي. ملڪ ۾ ماتم ڇانيل آهي.

جيڪڏهن اهڙو واقعو شهر جي هڪ پاڙي ۾ ٿئي ٿو ته ان پاڙي جا سمورا ماڻهو خوفزده ٿي وڃن ٿا. اهي واقعا ملڪ جي ترقي ۽ ڪاروبار کي متاثر ڪن ٿا. ماڻهو پنهنجن پيارن جي بي وقتي ۽ اوچتي موت تي ڏک ۽ غم جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا آهن. اهڙين حالتن ۾ اسان جا حڪمران لاچار نظر اچن ٿا. ھر روز اغوائن جا واقعا ٿي رھيا آھن. ڌاڙيل جي خوف ۽ دهشتگردي سنڌ جو ڪو به حصو محفوظ ناهي. بدامني ۽ دھشتگردي جي سبب پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وڏي گهٽتائي ٿي رھي آهي. جنھن جي ڪري ٻاھريان سيڙپڪار پاڪستان توڙي سنڌ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن.شڪارپور جيڪو سنڌ جي سيڪيولر سوچ جي درسگاھ ھئي. اها شڪارپور هاڻي انسان دشمن، غليظ ۽ بدبودار مُلائيت ۽ جنونيت جي ور چڙهي وئي آھي.

اها ڳالهه درست لڳي رھي آھي ته ملڪ جو آئين جن سببن جي ڪري وجود ۾ آيو، اهو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو آهي. شھرين کي اڄ تائين شھري حق ناھن ملي سگھيا ويتر غريب طبقو وڌيڪ غريب ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي. پاڪستان ۾ لکين ماڻهو اڄ به غربت، بيروزگاري ۽ جهالت جو شڪار آهن. هن وقت تائين حڪومت انهن محروم طبقن جي بهتري لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. ماڻھن کي ڪنھن به قسم جا آئيني حق ناھن مليل جنھن جي ڪري ماڻھو مايوسي جي ور چڙي رھيا آھن. اڄ ڪلھه جو نوجوان ملڪ مان فراريت حاصل ڪري رھيو آھي. غربت ۽ مھنگائي جي ڪري غريب عوام جي چيلھ ڀڄي پئي آھي. حڪومت به عوامي تحفظ ته ٺھيو پر عوامي ڀلي لاءِ ڪي به پروگرام ناھن جنھن تحت غربت ۾ گھٽتائي اچي سگھي. لازمي آھي ته غربت ۾ اضافو ٿيندو ته ڏوھن ۾ اضافو ٿيندو.

ھاڻي حڪومت تي اھا ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اھا شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري ته جيئن عوام مان مايوسي جي وڌندڙ لھر ختم ٿئي.حڪومت ۽ پوليس رڳو اعلانن تائين محدود رھي نٿي سگھي. جيستائين حڪومت ۽ پوليس کاتو سنجيدگي جو مظاھرو نه ڪندي تيستائين امن قائم نه ٿيندو. رڳو ڪشمور ضلعي جي خراب صورتحال ناھي پر سموري سنڌ ۾ ھن وقت بدامني جو راڪاس گھمي رھيو آھي. جيڪا سنڌ امن ۽ انسانيت جي علمبردار ھوندي ھئي.

لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ بدامني خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ ٽي هزار رينجرس جا اسپيشل ڪمانڊوز پھچي ويا آھن پر اھو ساڳيو ڪم سنڌ پوليس به ڪري پئي سگھي. اھا پوليس جي ناڪامي ھئي جنھن جي ڪري مشھور صحافي جان محمد مھر قتل ٿي ويو جنھن سان ھن وقت تائين انصاف ناھي ٿي سگھيو. سنڌ ۾ ھر روز ڪيترائي بي گناھ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي رھيا آھن پر پوليس جي غير سنجيدگي ڪري سنڌ مان امن موڪلائي ويو آھي.

لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ بدامني خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ ٽي هزار رينجرس جي آپريشن کان پوءِ وقتي طور امن ته قائم ٿيندو پر ان امن کي لاڳيتو قائم رکڻ لاءِ پوليس کي ھي پنھنجا فرض نڀائڻا پوندا.  جنھن سنڌ جو ذڪر مشھور صحافي ۽ ڏاھي انور پيرزادي پنھنجي لکڻين ۽ تقريرن ۾ ڪيو ھو اڄ اھا سنڌ اغوا ڪارن جي ور چڙھي چڪي آھي. ڪاش انور پيرزادي واري ھڪ ڀيرو ٻيھر امن ۽ شانتي ۽ انسانيت جي ضامن بڻجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.