18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ننڍي عمر جي شادي تي سخت قيد ۽ ڏنڊ جي سزا هوندي، ٻه کان ٽي سال قيد ۽ هڪ کان ٽي لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي.
بلوچستان اسيمبلي صوبي ۾ ننڍي عمر ۾ شادي تي پابندي جو نئون قانون منظور ڪري ورتو، جنهن تحت ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت سزائون مقرر ڪيون ويون آهن.
قانون موجب مرد ان کي تصور ڪيو ويندو، جنهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هوندي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت سزا ملندي.
ڀڃڪڙي تي ٻه کان ٽي سال قيد ۽ هڪ کان ٽي لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.