ايران ۾ قتل ٿيل اميني جو خاندان ھڪ سال کانپوءِ به عتاب ۾

ايران ۾ پوليس تحويل ۾ ڪرد نوجوان نينگري مهسا اميني جي جي موت کي سال مڪمل ٿي ويو آھي.تڏھن پڻ ھن جو خاندان دٻاءَ جو شڪار آھي.

سال2022 ۾  16 سيپٽمبر تي 22 ورھين جي، مهسا اميني،جيڪا نسلي طور ايراني ڪرد ھئي.جنهن کي ” پوليس“ مناسب پردي نھ ڪرڻ تي تحويل ۾ ورتو ھو.جنھن بعد ھو فوت ٿي وئي، پوليس تي ھن جي قتل واري الزام بعد سموري ملڪ ۾ سول نافرماني تحريڪ جنم ورتو ھو،جنھن ايران کي لوڏي ڇڏيو.اميني جي موت ايران ۾ نوجوان عورتن سميت ڪيترن ئي اڳواڻن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي.ان جي تحريڪ کي بدامني پسنديءَ  جي مھم قرار ڏنو ويو ھو.جنھن بعد ايران سرڪار جي خطرناڪ  ڪريڪ ڊائون سان اھا باھ وڌيڪ ڀڙڪي ھئي.نتيجي ۾ رياست وڌيڪ سختي ڪئي،گرفتارين تشدد  ۽ سوين ماڻھن کي ڦاھي ڏيڻ جا واقعا پڻ ٿيا.

اميني جي موت جي هڪ سال کانپوءِ پڻ ايران ۾ حڪومت هر  احتجاج تي امينا ھڪ علامت طور سامھون ايندي آھي.امينا جي خاندان کي ھن وقت بھ سختي کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.انھن جي چرپر جي سخت نگراني جاري آھي.

امينا جي موت کانپوءِ  ملڪ ۾ پنج مھينا تحريڪ جاري رھي، ان وچ ۾ سوين ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو ھو.ڪيترن ئي ڦاھي ڏني وئي.انساني حقن جي تنظيمن جي دانھن جو ڪو نوٽيس نھ ورتو ويو ھو.

ايراني اختيارين هڪ طرف ته سوڳوار خاندانن کي بنا ڪنهن جواز جي تنگ پئي ڪري تھ ٻئي پاسي صحافين ۽ سماجي ڌرين لاءِ بھ دٻاءَ وڌايو ويو آھي.ھڪ 75 سالن جي خاتون  صحافي ڪيوان کي”قومي سلامتي خلاف سازش“ جي الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو،جنھن کي تازو آزاد ڪيو ويو آھي.

ايلناز محمدي ۽ نگين باقري نالي ٻن عورت صحافين کي به ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عورتن جي حقن لاءِ سرگرم هڪ عورت نالو ظاھر نھ ڪرڻ تي  شرط تي ٻڌايو تھ  ”ايندڙ ڪيترن ئي سياسي ۽ سول سوسائٽي خلاف نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾احتجاج ڪندڙن کي بي سبب ڦاسايو پيو وڃي.

ملڪ ۾ موجود ڪاوڙ مان اندازو  ٿئي ٿو ته ايراني تحريڪ ۾ مزاحمت جو جذبو اڃان بھ موجود آهي. خاص طور تي عورتون ۽ نوجوان، اميني کي ياد ڪري رهيا آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.