بجلي چوري روڪڻ لاءِ اميرن کي به پڪڙيو

تحرير: قاسم خاصخيلي

اسان وٽ جڏهن به ڪنهن برائي خلاف حڪومتي آپريشن ٿيندا آھن انهن ۾ اڪثر اهو ڏٺو ويو آھي ته ان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عام پورهيت ۽ غريب طبقو ٿئي ٿو، مثال طور رمضان المبارڪ ۾ اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  جڏهن ڪنهن شھر جو اي سي يا مختيارڪار شھر ۾ لھي ٿو ته مسڪين ريڙھي وارا ۽ ننڍا دڪاندار لپيٽ ۾ اچيو وڃن، جڏهن ته وڏا سيٺ واپاري يا شيون ذخيرو ڪري انهن کي وڌيڪ اگهھ تي کپائڻ وارا آجا هوندا آھن،

جيڪڏهن انڪروچمينٽ خلاف آپريشن ٿئي ٿو تڏهن به وڏن قبضا خورن کي بچائي مسڪين ريڙهن وارا ۽ جهوپڙين وارا حددخلين جي بهاني سان پريشان ڪيا ويندا آھن، جيڪڏهن  منشيات، مين پڙي يا زيڊ ايڪيھه خلاف ايڪشن کڻڻو هوندو آھي ته وڏا وڏا منشيات فروش، مين پڙي زيڊ ايڪيھ جي ڊيلرن کي پڪڙڻ بجاءِ  پوليس هڪ اڌ مين پڙي کائڻ وارن کي پڪڙي انهن جا کيسا تلاش ڪري انهن کي پڪڙي رشوت عيوض ڇڏي ڏيندي آھي، جيڪڏهن ڌاڙيلن يا دهشتگردن خلاف آپريشن ٿيندا آھن تڏهن به ٻھراڙين ۾ رهندڙ اڪثر عام ماڻھو ويل ۾ هوندا آھن جيڪي پوليس جي عتاب هيٺ اچي ويندا آھن.

هاڻ تازو بجلي چوري خلاف جنهن آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آھي ان جو هن وقت تائين جيڪو نتيجو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي ۽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي پڻ سخت تنقيد جو نشانو بنجي رهيو آھي ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ  وڏين فيڪٽرين، ڪارخانن، بنگلن سميت مختلف وڏن ڪاروبارن تي ٿيندڙ بجلي چوري روڪڻ بجاءِ  سنڌ جي اڪثر ننڍن شھرن ۾ وڏن ماڻھن ۽ طاقتور ڌرين کي ڇڏي صرف هڪ پکو 2 بلب هلائڻ وارن مسڪينن خلاف آپريشن ڪري ان ۾ مسڪين پورهيت گهراڻن جي فردن خلاف بجلي چوري جا ڪيس داخل ڪرائي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آھي.

هتي هڪ سوال اهو به پئدا ٿو ٿئي ته بجلي چوري ڇو ٿي ٿئي ۽ ڪير ٿو ڪرائي؟ ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بجلي چوري ٿئي ٿي پر اصل بجلي چوري ڪير ٿو ڪرائي ۽ ڪير ٿو چوري ڪري ان سوال کي سلجھائڻ ۽ ان تي عمل جي هن وقت سخت ضرورت آھي ڇو ته ملڪ ۾ هر ايندڙ ڏينهن هڪ ته بجلي جي کوٽ آھي ٻيو وري بجلي چوري سبب لائين لاسز ۽ ٻين سببن جي ڪري بجلي جون قيمتون وڌنديون پيون وڃن، ان صورت ۾ بجلي چوري خلاف ڪو مضبوط ۽ لاڀائتو قانون جوڙڻ وقت جي ضرورت پڻ آھي پر جيڪڏهن قانون ٺھيل آھي ته پوء ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي به ڪيفر ڪردار تي پھچائڻ ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آھي، بجلي چوري جا ٻيا کوڙ سبب ٿي سگهن ٿا پر سڀ کان وڏو سبب ان اداري ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيائون، ملازم ۽ آفيسر آھن جيڪڏهن حڪومت فوري طور بنا فرق جي اداري ۾ ويٺل واڳون پڪڙي انهن تي ڪيس داخل ڪري نوڪريون چٽ ڪرڻ سميت سخت سزائون ڏيارڻ ۾ ٿوري به دلچسپي ڏيکاريندي ته وڏيون ڪاميابيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون، سزا ۽ جزا واري عمل سان ننڍي طبقي جو پورهيت طبقو به بجلي چوري جي سوچ ئي نه ڪندو.

جڏهن ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ  هڪ وڏو سبب سياسي سفارشون به آھن جن کي به روڪڻ گهرجي ڇو ته مبينا طور سياسي اوطاقن تان سياسي سفارشون آفيسرن کي چوري تي مجبور ڪندڙ آھن تقريبن هر سياسي درگاھ تي مفت بجلي جا ڪنيڪشن ڏنل هوندا آھن جن جي بدلي انهن جي آشيرواد سان آفيسر شاهي هر ڀيري بچي ويندي آھي، جيڪڏهن حڪومت بجلي چوري روڪڻ ۾ مخلص آھي ته ننڍن ۽ مسڪين پورهيتن بجاءِ  وڏن چورن خلاف ڀرپور ۽ جامع آپريشن ڪري چوريون روڪرائي، انهن جون چوريون ثابت ٿيڻ تي انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن ۽ ملوث سرڪاري توڙي غير سرڪاري ماڻھن کي به قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي باقي ڪجهھ ڏينهن جي آپريشن بهاني بجلي چوري ڪرائيندڙ ملازمن سان سازباز ڪري مسڪين ماڻھن جا ڪنيڪشن ڪاٽي انهن کي هراسان ڪرڻ بجلي چوري روڪڻ جو حل ناهي، جڏهن ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو واپڊا جو عملو يا آفيسر بجلي چوري ۾ ملوث نه هجي ڇو ته اڄڪلھ ننڍن شھرن ۾ ته مبينا طور واپڊا جا ننڍا ملازم به ڪنهن گهر يا دڪان کي بجلي جو ڪنيڪشن ٻن کان ٽن هزارن ۾ ڏين ٿا جيڪي هر علائقي مان 50 کن ڪنيڪشن ڏئي بجلي جي هٿرادو چوري ڪرائي لکين روپيا ڀتو وٺي پاڻ به کڻن ٿا ته بالا آفيسرن جو پيٽ پڻ ڀرين ٿا.

ان ڪري بجلي چوري روڪڻ لاءِ  ملڪ ۾ هن وقت بي رحم آپريشن ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي جنهن سان هڪ طرف بجلي چوري روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، ٻي طرف لائين لاسز ۽ ٻين سبب جي ڪري ملڪ جي عوام مٿان پوندڙ مهانگي بجلي جو وزن پڻ گھٽجي سگهي ٿو جيڪو ملڪي ترقي ۾ اهم سنگ ميل پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.