ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فتح جي تصديق، چين پنهنجو دفاعي نظام آزمايو: آمريڪي ڪانگريس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هلندڙ مال مئي ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ فوجي سرسي حاصل ڪئي، جنهن ۾ چين پنهنجي دفاعي نظام کي آزمايو.
رپورٽ موجب چين 2024 ۽ 2025 ۾ پاڪستان سان عسڪري سهڪار وڌايو، ڀارت سان جهڙپن دوران پاڪستان جي چيني هٿيارن سان ڪارڪردگي اڳتي رهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو چيني هٿيارن جي مدد سان ڀارت جي فرانسيسي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ چيني هٿيارن جي وڪري لاءِ اثرائتو دليل بڻجي ويو آهي.
رپورٽ موجب اهو پهريون موقعو هو جو چين جا جديد هٿيار HQ-9 ميزائل ڊفينس سسٽم، PL-15 ايئر ٽو ايئر ميلزائل ۽ J-10 ويڙهاڪ جهاز سڌي ريت جنگ ۾ استعمال ٿيا، جيڪو چين لاءِ عملي ميدان ۾ هڪ وڏو تجربو ثابت ٿيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين جون 2025 ۾ پاڪستان کي J-35 جديد ويڙهاڪ جهاز، KJ-500 ايئر ڪرافٽ ۽ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس سسٽم وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان ئي مهيني پاڪستان دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو، جنهن سان مجموعي بجيٽ ۾ گهٽتائي باوجود دفاعي خرچ 9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.