پيٽرول جي قيمتن وڌائڻ سان غيرمعمولي مھانگائي ٿيندي

چيو ٿو وڃي تھ پھرين معيشت درست ڪري پوءِ چونڊون ڪرايون وينديون.پر انھن جو معيشت کي درست ڪرڻ جو ھر عمل عام ماڻھون جي مٿان مالي طور تي بار وجھي رھيو آھي.ھڪ ڀيرو وري پيٽرول جي اگهن ۾ ڪيل اضافي سان زندگيءَ جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھون غيرمعمولي مھانگائي جي ور چڙھي ويندو.جنھن جو سماج تي منفي اثر پوڻ شروع ٿي ويندو. اڳ ئي ٻارڻن، بجلي گئس ۽ پيٽرول جي قيمتون گھڻيون مٿي آھن.جنھن جو مجموعي طور تي ملڪ جي معيشت تي ناڪاري اثر پئجي رھيو آھي.

اڳي چوندا ھئا تھ جيڪو وقت گذري ويو سو بھتر ھو.ان مطابق ھاڻي تھ ماڻھون اھو ٿا چون تھ ھنن نگرانن کان وري بھ اتحادي حڪومت بھتر ھئي، ان حڪومتي دور ۾ وري چيو پئي ويو تھ ان کان تھ تحريڪ انصاف واري حڪومت بھتر ھئي.ان دور ۾ وري ان کان اڳ وارين حڪومتن کي ياد ڪيو پئي ويو.

ملڪ ۾ سمورين خرابين جو واحد حل عام چونڊون آھن.جنھن کان سواءِ ڪي بھ عارضي بندوبست عوام کي ڪا سھولت يا رليف نھ ڏئي سگھندا. ان ڪري فوري طور تي چونڊون ڪرائي واڳ ايندڙ حڪومت حوالي ڪئي وڃي.

نگرانن حڪومت جنھن طور طريقي سان ڪم ڪري رھي آھي ان سان تھ عوام کي گھٽيو پيو وڃي.نتيجي ۾ ھاڻي ھن غيرمعمولي مھانگائي عام ماڻھون جي زندھ رھڻ جي اميد توڙي اتساھھ کي ختم ڪري رھي آھي.

نگران حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام کي ڪنھن قسم جي  رليف ڏيڻ بدران   پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 26 رپيا ٻه پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپياچار پئسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي.جنھن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا38 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 329 رپيا18 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آھي.

تيل مصنوعات جي اگهن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ غريبن توڙي وچولي طبقي جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

هوڏانهن توانائي وزير محمد علي چيو آهي ته 3700 رپين ۾ گئس درآمد ڪري 1100 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۾ نٿا ڏئي سگهون، گئس جي اگهن ۾ واڌ تي ڪم جاري آهي، جيڪو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو،هن چيو ته سالن کان بجلي چوري ٿي رهي هئي پر ڪو روڪي نه رهيو هو، جيڪي شيون ٺيڪ ڪري رهيا آهيون اهي هڪ مهيني جون نه ڪيترن ئي سالن جون غلطيون آهن، هن چيو ته ڊالر ڪنٽرول جو فائدو ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ٿيندو ٻئي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 27 سيڪڙو تي آئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ناهي وڌايو، انهن قدمن سان به بهتري جي اميد آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هدف حاصل ڪري وٺنداسين، عالمي بئنڪ کان ٻه ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي.

نگران حڪومت جي پاليسين جو سڌو سنئون مطلب ۽ مقصد تھ عام ماڻھون جي ابتي کل لاھڻ آھي.جنھن جو شڪار اڳي تھ غريب غربو ٿي رھيو ھو پر ھاڻي تھ وچولي ڪلاس جي ماڻھون جي لاءِ بھ حياتي جي گاڏي کي ھلائڻ نھ رڳو ڏکيو بلڪھ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آھي.

ھن وقت عوام بجلي جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي خلاف تنگ ٿي ڪري احتجاج ڪري رھيو آھي.تھ مٿان وري حڪومت  مھانگائي کي وڌائڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي.نگران حڪومت وارا چون ٿا تھ عالمي ادارن سان ڪيل معاھدي ۾ اھي ڦير ڦار ڪرڻ جا مجاز ناھن يا وري اھا نگران سرڪار جي ڪا ترجيح ناھي.

بگڙيل معاشي صورتحال جو سمورو الزام پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيل فيصلن تي مڙھيو ٿو وڃي پر مسلم ليگ ن جي قيادت ۾ اقتدار جي واڳ سنڀاليندڙ اتحادي حڪومت پڻ ڪا گھٽتائي ناھي ڪئي. معاشي بدحالي جو اصل سبب اتحادي حڪومت جو ڪيل اھو معاھدو آھي،جنھن کي آخري وقت ۾ ڪڙن شرطن سان قبول ڪيو ويو. ان ڪري ئي بجلي بعد پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي.

نگران حڪومت  جي عمل مان ثابت ٿي ويو تھ نگران توڙي ان کان اڳ واريون چونڊيل حڪومتون عوام نھ پر عالمي ادارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون رھيون آھن.اتحادي حڪومت جي ڪيل فيصلن ۽ ان جي عملن  جو اصل محور پي ٽي آءِ لاءِ رستو تنگ ڪرڻو ھو،جنھن ڪري عوام جي ڀلائي بابت ڪنھن بھ حڪمت عملي تي ڪم نھ ڪيو ويو، 16 ميھنن واري ملڪ جي 13 جماعتن جي گڏيل حڪومت جيڪي ڪم ڪيا ۽ قانون جوڙيا ان جو اصل مقصد اسٽيبلشمينٽ لاءِ سھولتون پيدا ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ ھو.

آخري وقت ۾ عالمي اداري جي آڏو جھڪي پئي ۽ ان جا ڪڙا يا عوام جي لاءِ ھاڃيڪار شرط قبول ڪيا ويا.جن جو اثر ھاڻي پڌرو ٿي رھيو آھي،ان ڪري ئي ھر قسم جي ٻارڻ ۽ توانائي جي اسم کي مھانگو ڪيو پيو وڃي.

نگران حڪومت  بجلي جي قيمتن ۾ اضافي کان عوام کي بچائڻ جي لاءِ ڪو  فيصلو تھ نھ ڪري سگھي،پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪيل غيرمعولي اضافي سان اڳي ئي مھانگائي جي دٻاءَ ۾ آيل ماڻھن مٿان وڌيڪ بار وجھي ڇڏيو آھي.

حالتن جي گھرج تھ اھا ئي آھي تھ حڪومت ۽ اصل واڳ ڌڻين کي عوام جي حقيقي معاملن ڏانھن ترجيحي بنيادن تي غور ڪرڻ ۽ ان جو قبولڻ جوڳو حل ڳولڻ گھرجي ٻي صورت ۾ جاري رھندڙ حالتون ڪنھن خطرناڪ طرف بھ وڃي سگھين ٿيون،جنھن جي ذميواري ھن وقت اقتدار وارين ڌرين تي پوندي.

ان معاملي جو ٻيو حل اھو بھ ٿي سگھي ٿو تھ نگران حڪومت جو واحد مينڊيٽ چونڊون ڪرائڻ آھي جيترو جلد ممڪن ھجي چونڊون ڪرائي اقتدار ان حڪومت حوالي ڪئي وڃي.جئين سماج ھڪ مثبت رخ ۾ سفر شروع ڪري سگھي.عوام جو خيال آھي تھ ڪنھن نھ ڪنھن ريت چونڊيل حڪومت وري بھ عوام ڏانھن ذميوار ھوندي آھي پر نگران سيٽ اپ جي حڪومت تھ عوام جي ڪنھن معاملي تي غور ڪرڻ جي بھ زحمت نٿي ڪري.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.