آءِ فونز ۽ ٻين سمارٽ فونز تي ڳرا ٽيڪس، وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر قاسم گيلاني چيو آهي ته حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته سمارٽ فونز، خاص طور آءِ فونز تي ڳري ٽيڪس جو معاملو ايندڙ مهيني پارلياماني ڪميٽي ۾ اٿاريو ويندو، جنهن جو مقصد عوام تي وڌندڙ مالي بار گهٽائڻ آهي.
هن چيو ته حڪومت جي هدايت تي مان پي ٽي اي جي موبائل رجسٽريشن ٽيڪس خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان اڳ ڪميٽي جي اجلاس جو انتظار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي جي مالياتي ڪميٽي 3 ڊسمبر تي اجلاس ڪندي، جنهن ۾ ايف بي آر سربراهه به موجود هوندو.
گيلاني چيو ته کيس سياسي جماعتن جي حمايت حاصل آهي ۽ هو وزيراعظم سان به ملاقات ڪري ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.