اي آءِ سان جذباتي لاڳاپا طلاقن جو ڪارڻ بڻجڻ لڳا، ماهرن جي تنبيهه

آمريڪا ۾ وڪيل خبردار ڪري رهيا آهن ته هٿرادو ڏهپ (اي آءِ) سان جذباتي لاڳاپا شاديون ٽٽڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.
چيٽ جي پي ٽي ۽ گروڪ جهڙا چيٽ بوٽس ماڻهن جي روز مرهه جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو انهن سان ايترو گهرو تعلق قائم ڪري ٿا ڇڏين جو پنهنجي حقيقي ساٿين کي ئي ڇڏي ڏيندا آهن.
ماهرن موجب جيئن جيئن اي آءِ بوٽس وڌيڪ همدرد ۽ انسان دوست بڻجندا پيا وڃن، تيئن تيئن اهي ماڻهو جيڪي اڪيلا آهن يا وري شادي مان خوش ناهن ته انهن (اي آءِ چيٽ بوٽس) ڏانهن ڌيان وڌائيندا پيا وڃن.
اهڙا ڪيترائي واقعا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪا آهن، جن ۾ ماڻهو حقيقي لاڳاپا ڇڏي اي آءِ سان رشتو قائم ڪري چڪا آهن.
وڪيلن جو چوڻ آهي ته اهو رجحان مستقبل ۾ خانداني ڍانچن ۽ عدالتن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.