امن لاءِ آواز اٿاريندڙ شھرين کي هراسان ڪندڙ ھٿياربند جٿو

تحرير: ذلفي چاچڙ

پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ڀوتارن پندرنھن سالن تي محيط ٽن دورن جي اقتدار ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ايتري قدر ھٿي ڏني آھي، جو  سڄي سنڌ لاقانونيت جو مرڪز ۽ اغوا انڊسٽري بڻجي وئي آھي، پر جيڪا بدامني جي باهه ڪشمور ضلعي ۾ ڀڙڪائي وئي آھي، تنھن جو ڪو ڇيهھ ئي ڪونھي ۽ ان جي اثر کان ھر شخص سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر ضرور ٿيو آھي.

نتيجي ۾ ڪشمور شھر نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر ايشيا جو به خطرناڪ علائقو بڻجندو پيو وڃي. جتي شھري بازارن، گھٽين ۽ ايستائين جو پنھنجي گھرن ۾ به محفوظ ناھن رھيا.

ڌاڙيل معصوم ٻارڙن، نوجوانن ۽ بزرگ توڙي عورتن کي به اغوا ڪرڻ لڳا آھن، جنھن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ تمام گھٽ ٿو ملي. جنھن سبب ھتان جا ماڻھون سخت  مونجھاري ۽ عدم تحفظ جو شڪار آھن. جيڪي ھڪ ٻئي کان سماجي لاڳاپن کان پڻ ڪٽجندا پيا وڃن،

شھري ڪنھن واقف ڪار ۽ واسطيدار جي خوشي توڙي غم ۾ شريڪ ٿيڻ کان به لنوائڻ لڳا آھن، ڇا ڪاڻ ته انھن لاءِ گھر کان ٻاھر نڪرڻ ۽ شھر کان ھڪ ٻه ڪلو ميٽر پري وڃڻ به ڄڻ وڏو رشڪ بڻجي چڪو آھي. ۽ اھو رشڪ کڻڻ لاءِ ڪو به شخص تيار نٿو ٿئي. اھڙي طرح ھرڪو پنھنجي ذات تائين محدود ٿي ويو آھي، جنھن سبب راندين جا ميدان، پارڪ ۽ تفريحي ماڳ مڪان پڻ ويران ٿيندا پيا وڃن، ڪاروبار ٺپ ۽ بازارون بي رونق بڻجي سنسان ٿي چڪيون آھن، ھر ماڻھو ھڪ اڻڃاتل خوف ۽ غير يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا آھي.  پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڀوتارن کي فري ھينڊ ڇڏڻ جو مقصد سنڌ جي ماڻھن ۽ سياست کي ڌاڙيلن ذريعي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ آھي، جنھن ۾ اھا گھڻي حد تائين ڪامياب ٿيندي رھي آھي.

جھڙي طرح ماضي ۾ انگريز سامراج برصغير جي ماڻھن کي پيرن، جاگيردارن ۽ سردارن وسيلي پنھنجي وس ۾ رکندو ھو. پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ ان قسم جي پاليسي تي عمل پيرا آھي، اھو ئي سبب آھي جو پ پ  ڀوتارن جي اثر ھيٺ ايندڙ علائقي جي ماڻھن جي ڪا پرواه ناھي ڪندي، جنھن کين ھر دور ۾ زندگي جي بنيادي ضرورتن ۽ سھولتن کان پڻ محروم رکيو آھي،

ناقص ڪارڪردگي جي باوجود به پاڪستان پيپلز پارٽي ڀوتارن جي زيرِ اثر علائقن مان ڪڏھن به سياسي شڪست ناھي کاڌي، ان لاءِ ئي ھاڻوڪي قيادت طاقت جو محور عوام کي نه پر ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن کي سمجھي ٿي. ويجھڙ ۾، ڪشمور ضلعي ۾ چورين، ڦرون ۽ اغوا جي واقعن ۾ اوچتو تيزي اچي وئي، جنھن ۾ مکي جڳديش، ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير احمد نائچ کي اغوا ڪيو ويو، جنھن جي خلاف شھرين احتجاجي جلوس ڪڍي انڊس ھائي وي تي ڌرڻو ھنيو ھو، انتظاميه سان ڳالھيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ھڪ سردار پاران ڌمڪي ملڻ تي ھندو ڪميونٽي جا ماڻھون ۽ پنچائت جا عھديدار ساٿ ڏيندڙ شھرين کي ميدان ۾  اڪيلو ڇڏي ھليا ويا ھا، اھڙي طرح اھو احتجاج بنا ڪنھن نتيجي جي پنھنجي پڄاڻي تي پھتو ھو، جنھن سبب اڪثر شھري مايوس، خفا ۽ ناراض نظر ٿي آيا.

جڏھن مغوين جي وارثن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ ڀنگ جا سمورا معاملا طئه ٿي ويا ھا ته اھو ئي سردار جنھن ڪجھه  وقت اڳ ۾ ھندو ڪميونٽي جي ماڻھن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ھو. سياسي فائدو ۽ ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ  ساڳين ئي ماڻھن کان ڍيره چوڪ ڪشمور ۾ ڌرڻو ھڻايو. جيڪو سندس توقع جي ابتڙ ثابت ٿيو. جنھن ۾ سموري قومپرست قيادت سميت سڄي سنڌ مان ھزارين باشعور ماڻھن شرڪت ڪري شھر واسين کي پنھنجي ساٿ جو احساس ۽ يقين ڏياريو.

اھڙي طرح ڪشمور واسين پاران بلند ڪيل آواز اعلي ايوانن ۽ عالمي ميڊيا ۾ گونجڻ لڳو. ڪشمور شھر جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو مظلوم ماڻھون بنا ڪنھن تفريق ۽ نسلي مت ڀيد جي ظلم جي خلاف اٿي کڙا ٿيا، جيڪي وڏيرا شاھي، سرداري نظام ۽ ڌاڙيل ڪلچر جي خلاف نه صرف نعريبازي ڪندا رھيا، پر بيخوف بڻجي تقريرون پڻ ڪيائون، جنھن کي پنھنجي نوعيت جي ھڪ غير معمولي ۽ مثبت تبديلي چئي سگھجي ٿي. جنھن سبب رياست جي اندر رياستون قائم ڪري ويٺل وڏيرا وائڙا ٿي ويا ۽ کين پنھنجي شھنشاھي ڌوڙ ٿيندي نظر اچڻ لڳي.

شھرين ۾ شعور جي اٿيل ان لھر کي روڪڻ لاءِ ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ جو بھانو بڻائي جديد ھٿيارن سان ليس سوين ھٿياربند گھرائي سڄو ڏينھن شھر جو گشت ڪري ڏھڪاءَ پکيڙيندا ۽ ماڻھن کي خوفزده ڪندا رھيا، پر ڪٿي به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪا چرپر ڏسڻ ۾ نه آئي. ھٿياربند ريلي ڪڍڻ جو اصل مقصد ساگر ڪمار جي بازيابي نه پر پنھنجي قبيلائي طاقت ظاھر ڪرڻ سان گڏ انھن ماڻھن لاءِ خاموش پيغام پڻ ھو،

جيڪي ظلم سھي سھي آخرڪار ان ستم ۽ بربريت جي خلاف اٿڻ جي جرئت ڪئي ھئي. نه ته ڪشمور اھو بيدرد شھر آھي جتي ساگر ڪمار کان پھريان ابھم ٻارڙا پڻ اغوا ٿيندا رھيا آھن، جن جي کنڀجڻ جي خلاف اڄ ڏينھن تائين ڪا ريلي ته ڇا پر ڪنھن وڏيري ۽ سردار مذمتي بيان به جاري ڪرڻ جي زحمت گواره نه ڪئي آھي.

ساگر سان ھمدردي پڻ ھڪ ڏيکاءُ ۽ سياست کان سواءِ  ٻيو ڪجھه  به ناھي.  شھر واسين جھڙي طرح ڍيره موڙ ۾ ڌرڻو ھڻي پاڻ ملھايو آھي، جيڪڏھن ايندڙ اليڪشن ۾ اھڙي مڙسي پولنگ اسٽيشنن تي ڏيکارين ته ھوند مستقبل ۾ ڪو به ساگر ڪمار ايئن ڏينھن ڏٺي جو اغوا نه ٿيندو ۽ نه ئي مغوين جون زنجيرن ۾ جڪڙيل ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.