بي آءِ ايس پي مان وظيفو وٺندڙ عورتن لاءِ وڏي خوشخبري، نئون نظام اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) رجسٽرڊ شهرين لاءِ رقم جي ادائيگي جو نئون نظام ”سوشل پروٽيڪشن والٽس“ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو ته رجسٽرڊ شهرين لاءِ سوشل پروٽيڪشن والٽس جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن رقم جي ادائيگي جي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ آسان بڻائي سگهجي.
هن ٻڌايو ته سوشل پروٽيڪشن والٽس نظام تحت رجسٽرڊ عورتن ۾ مفت سم ڪارڊن جي ورهاست شروع ڪئي وئي آهي، عورتون پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل فون سان گڏ ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس يا مقرر ڪيمپ ۾ وڃن، جتان بائيوميٽرڪ جي تصديق کانپوءِ کين هڪ سم مفت ۾ فراهم ڪئي ويندي، جنهن ذريعي انهن جو سوشل پروٽيڪشن واليٽ فعال ڪيو ويندو.
روبينا خالد واضح ڪيو ته عورتون سم ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي ڪا رقم ادا نه ڪن، ڇو ته اها بلڪل مفت آهي، سم تي سوشل پروٽيڪشن والٽس رڳو بي آءِ ايس پي طرفان ٺاهيو ويندو، تنهن ڪري ڪنهن غير مجاز شخص يا اداري سان رابطو نه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ سمورون ادائيگيون ان ئي سوشل پروٽيڪشن والٽس ذريعي ٿينديون، جڏهن ته ادائيگين بابت پيغام به ان ئي سم تي وصول ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.