اسلام آباد(م ڊ)پيپلز پارٽي لطيف کوسا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي. شوڪاز نوٽيس پ پ جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري ڪالهه جاري ڪيو. پ پ مطابق نوٽيس ۾ ضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته لطيف کوسو پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي دفاع ڇو ڪري رهيو آهي؟ ان حوالي سان هن پارٽيءَ سان ڪابه اڳواٽ اجازت نه ورتي آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ لطيف کوسا کان 7 ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته وڪيلن جي فنڪشن ۾ سائفر معاملي تي اوهان رياستي پاليسيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو، ٻُڌايو ته رياست کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي اوهان خلاف ڇو نه ڪارروائي ڪئي وڃي. شوڪاز ۾ لطيف کوسا کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته 7 ڏينهن ۾ وضاحت نه ڏيڻ تي اوهان جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي ويندي،هوڏانهن لطيف کوسي چيو ته نوٽيس اڃا ناهي مليو، مون کي پ پ مان ڪير به ڪڍي نٿو سگهي