سرڪاري ملازمن جي احتجاج جي حمايت ڪيون ٿا: زين شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو  درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته اسان آل سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سمورن مطالبن ۽ احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪريون ٿا، اهڙن خيالن جو اظھار هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي آن لائين هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، سيد زين شاھ چيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي ، ڊسپرٽي ريڊڪشن الائونس کان محرومي ۽ گروپ انشورنس جهڙا بنيادي حق نه ڏيڻ ملازمن سان سراسر زيادتي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، بلاول زرداري جو تازو بيان سرڪاري ملازمن سان مڪمل طور دوکو آھي جڏهن ته سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ بلاول زرداري جي بيانن ۾ کليل تڪرار ان ڳالھه جو ثبوت آهي ته سرڪاري ملازمن سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا سرڪاري ملازم ٻين صوبن جي ۽ وفاقي ملازمن وانگر مساوي الائونس ۽ پگهارن جا حقدار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.