ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾ وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مئي ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو جي رفتار سان وڌي رهي هئي، جڏهن ته آگسٽ 2023 ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 27.4 سيڪڙو ٿي وئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 22 سيڪڙو رهندي. مانٽيري پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جولاء جي اجلاس کان پوء ڪميٽي طرفان چار عنصر ڌيان جوڳا رهيا. پهريون ته سيٽلائيٽ ڊيٽا زراعت جي حوالي سان مثبت نقطه نظر ڏيکاري رهيو آهي، ٻيو ته عالمي خام تيل جون قيمتون جيڪي 90 ڊالرن تائين پهچي ويون آهن، ٽيون ته جولاءِ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو، جيڪو چئن مهينن جي مثبت رهڻ کانپوءِ درآمدات ۾ نرمي سبب 800 ملين ڊالر کان منفي ٿي ويو آهي .