چونڊ سرگرميون شروع ٿيندي ئي آمريڪي سفير جون سرگرميون ڳڻتي جوڳيون آهن

ڪوئيٽا(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيئر اڳواڻ حافظ حسين احمد چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ سرگرميون شروع ٿيڻ تي آمريڪي سفير جون سرگرميون پريشان ڪندڙ آهن. هڪ بيان ۾ حافظ حسين احمد  چيو ته سائيفر ڪيس ۾ آمريڪي مداخلت جي جاچ ٿيڻ گهرجي، آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جا دورا ۽ ملاقاتون شڪي آهن، آمريڪي سفير جو حب ۽ گوادر جو دورو اليڪشن ڪميشن سان ملاقات کانپوءِ ٿيو آهي. سوال اٿاريا. حافظ حسين احمد چيو ته آمريڪا پاڪستان جي چونڊن ۾ مداخلت ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي سفير جو دورو مداخلت کانسواءِ ڪجهه ناهي. هن چيو ته آمريڪا هميشه پاڪستان کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.