ڀارت ۾ اداڪار ۽ سياستدان وِجَي جي جلسي ۾ ڀاڄ، 36 ڄڻا مارجي ويا

نئين دهلي (م ڊ) تامل اداڪار ۽ سياستدان وِجَي جي جلسي ۾ ڀاڄ پوڻ سبب 36 ماڻهو مارجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا  زخمي ٿي پيا، غير ملڪي خبر اداري ’رائٽرز‘ موجب، ڀارتي اخبار دي هندو تامل ناڊو جي صحت واري وزير ايم اي سبرامنين جي حوالي سان چيو ته جلسي دوران ڀاڄ پئجي وئي، جنهن  ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، رپورٽ موجب ويجهي ضلعي تروچي مان 24 ۽ سيلَم مان 20 ڊاڪٽر جلسي واري هنڌ موڪليا ويا.ٽائيمز آف انڊي جي رپورٽ موجب مارجي ويلن جو انگ 10 آهي. ’رائٽرز‘ جو چوڻ آهي ته وزارتِ صحت سان فوري رابطو نه ٿي سگهيو.

باجوڙ ۾ گولو ڦاٽڻ سبب 4 نوجوان مارجي ويا

باجوڙ (م ڊ) ڪي پي جي ضلعي باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ زمين تي پيل پراڻو گولو ڦاٽي پيو، جنهن سبب 4 نوجوان مارجي ويا  ۽ 2 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب نوجوان گولي سان کيڏي رهيا هئا، جنهن دوران اهو اوچتو ڦاٽي پيو. زخمين ۽ لاشن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو.، ڊي ايس پي نياز خان ٻڌايو ته واقعو جي اطلاع ملڻ تي علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو،  مارجي ويل نوجوانن ۾ 18 ورهين جو سجاد ولد مجيد، 13 ورهين جو نوشاد ولد سيد رحمان، 18 ورهين جو فواد ولد دلبر ۽ 15 ورهين جو جواد ولد يوسف شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.