جيڪب آباد ۾ مقتولا حسينه کوسو جي وارثن کي داٻا، ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي)جيڪب آباد جي 10 ورهين جي معصوم نياڻي حسينه کوسو سان فطري ۽ غير فطري جڳهن تي  زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف اي پي سي پاران ھڪ احتجاجي مظاھرو شھيد الله بخش پارڪ کان جي يو پي جي محمد رفيق فخري، جعفريه الائنس جي شاھد جوادي، جي يو آءِ جي بقا محمد ڇڄڻ، جماعت اسلامي جي محمد لائق سومرو، ھيومن رائيٽس جي چاڪر خان جکراڻي، نوجوان اتحاد جي راحيل احمد منگي، نويد احمد قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جنھن تي معصوم حسينه کوسو جي قاتلن کي گرفتار ڪيو، ظالمو جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو جھڙا نعرا لکيل ھيا. مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏھن ته پوليس ھڪ ھفتي کان پوءِ جيو فينسنگ ذريعي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ماڻھن کي جاچ لاءِ گرفتار ڪري ورتو آهي. رات دير تائين جاچ ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ مقتولا جو والد محمد سھڻو کوسو ۽ وارث، ٽي ڊي ايس پي ۽ حد جو ايس ايڇ او شامل ھيا. ان موقعي تي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اڌ رات جو تفتيش بھاني ٿاڻي تي گھرائي داٻا ڏنا ويا ۽ تذليل ڪئي وئي جنهن ڪري تفتيشي ٽيم تي عدم اعتماد جو اظھار ڪيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.