ڪراچي ۾ ڦرلٽ دوران مزاحمت تي 90 شهري قتل ٿي چڪا

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو )پوليس کاتي ڪراچي ۾ پهرين جنوري کان 31 آگسٽ تائين اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦرلٽ جي واقعن بابت  رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال 243 ڏينهن ۾ 60 هزار واقعا ٿيا. رپورٽ موجب 8 مهينن دوران ڦرلٽ جي مزاحمت ۾ 90 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا، ڦرلٽ مزاحمت ۾ سوين شهري زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻين مختلف واقعن ۾ 422 شهري زندگيون وڃائي ويٺا، غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا به رپورٽ ٿيا. پهرين جنوري کان 31 آگسٽ تائين 18 هزار 810 موبائيل فون ضبط ڪيا ويا، شهرين کان 39 هزار 215 موٽرسائيڪلون ۽ 1096 گاڏيون چوري ڪيون ويون، جڏهن ته 13 واپارين کي ڀتا خوري جون پرچيون ڏنيون ويون ۽ 6 کي اغوا ڪيو ويو . رپورٽ ۾ چيو ويو ته پوليس رڳو 356 موبائيل فون، 2285 ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.