عوام هن ڀيري نواز شريف کي واضح مينڊيٽ ڏئي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي پاڪستان لاءِ روشن صبح جو پيغام آهي. ڪالهه  خميس ڏينهن ن ليگ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ٽڪيٽ هولڊرز جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف جي واپسي ڏکايل پاڪستان لاءِ صبح جو سوير آهي، پاڪستان جو پٽ هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي ٻاهر ڪڍندو. هن چيو ته نواز شريف قوم کي مهانگائي ۽ معاشي بدحالي کان بچائڻ لاءِ اچي رهيو آهي. مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ کي انتقام نه پر اتحاد، امن، معاشي ترقي، مهانگائي مان نجات جي ايجنڊا جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.