سريلنڪا پاڪستان کي شڪست ڏئي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪولمبو(م ڊ)ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن سريلنڪا پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ  شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. سريلنڪا پاڪستان طرفان ڏنل 252 رنسن جو هدف آسان وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو، ڪوشل مينڊس 91 رنسون ٺاهيون،برسات متاثر ميچ ۾ پاڪستان مقرر 42 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهيون، ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 252 رنسن جو ٽارگيٽ به ڏنو ويو.محمد رضوان 86 رنسون ناٽ آئوٽ رهيو، عبدالله شفيق 52 رنسون ۽ افتخار احمد 47 رنسون ٺاهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.