ٽنڊي محمد خان ۾ مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف مارچ، ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: اويس حيدر شورو) قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ۾ مھانگائي ۽ ڪرپشن خلاف، امن، روزگار، قومي حقن ۽ ترقي لاءِ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن ڊپٽي ڪمشنر  جي آفيس کان پيادل مارچ ڪري ايوبيا اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو. احتجاج ۾ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر رمضان رند، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، ھاري تحريڪ جي صدر نوحاڻي، نصرت خاصخيلي، اشرف پليجو، ونود ميگھواڙ، حنيف باگراڻي، دلدار رند، الطاف خاصخيلي، بچل احمداڻي، گيانچند مھيشوري سميت سوين عورتون شامل ھيون. مارچ جڏھن ايوبيا اسٽاپ وٽ پھتو ته شھرين ۽ واپارين گلن جي ورکا ڪري، اجرڪ ۽ لنگيون پارائي اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪيو. جڏھن ته ڪارڪن ڪرپشن، اغوائن، ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ ٻيا نعرا ھنيا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ڪوڙي آدمشماري سنڌ جي وحدت تي حملو آھي، پيپلز پارٽي ڪارونجھر، ڪراچي، ڪوھستان، سامونڊي پٽي ۽ شھرن جون زمينون نيلام ڪيون. سنڌ ۾ وڏيرن، وزيرن ۽ ايم پي ايز جي اوطاقن تائين رستا ٺھيل آھن، ھر کاتي ۾ بي پناھه ڪرپشن آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته غربت سبب مائرون پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن، بک کان بيزار ٿي نوجوان خودڪشيون ڪري رھيا آھن. ڌاڙيلن معصوم ٻارن سميت نوجوانن کي اغوا ڪيو، جن مان ڪيترائي اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا ۽ يرغمال آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌين کان حق حاڪميت کسڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني افغاني ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي تحفظ ڏنو ۽ جيڪو به ڪٿي صرف 6 مھينا اچي رھي ته ان کي اتي جو ڊوميسائيل ڏيڻ جو بل اسيمبلي ۾ آندو. سنڌ ۾ مھا ٻوڏن سبب تباھ ٿيل لکين متاثرن کي ڪراچي ۾ رھائڻ ۽ روزگار ڏيڻ بدران انھن کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويو آھي،  نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي مرضي جي آھي. ڌرڻي کي اشرف پليجو، انور نوحاڻي، زينت سمون، رمضان رند، دلدار رند ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.