سائفر ڪيس ۾ عمران ۽ شاهه محمود جي ضمانت درخواست رد

اسلام آباد (م ڊ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه  محمود قريشي جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون.آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت ۾ سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت سائفر ڪيس ۾ ٻنهي جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون. اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، اسد عمر کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته اسد عمر جي خواهش باوجود پراسيڪيوشن کيس جاچ ۾ شامل نه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.