برساتي ڏيڏرن جي اتحاد کان سنڌ جو عوام لاتعلق آهي: وقار مهدي

ڪراچي (رپورٽر) پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو آهي ته ڪراچي متحده کي سياسي طور ڪاٽا ڪري ڇڏيو آهي. ايم  ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي وقار مهدي چيو ته متحده، جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ اڳ ئي اتحادي آهن، برساتي ڏيڏرن جي اتحاد کان سنڌ جو عوام لاتعلق آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت مرڪز، روڊن جا ڄار، يونيورسٽيون، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون پ پ جا ڪارناما آهن. سندس چوڻ هو ته پ پ جي صوبائي حڪومت دهشتگردي جو خاتمو آندو، ايم ڪيو ايم کي ڪراچي مان دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم ٿيڻ جو ڏک آهي. وقار مهدي چيو ته ايم ڪيو ايم هر حڪومت جو حصو رهي پر ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجا کيسا ڀريا، لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ته پنهنجي گهر جي يوسي هارائي ويا، سنڌ ۾ پ پ جو ڪهڙو مقابلو ڪندا؟ مخالف عام چونڊن ۾ پنهنجي ضمانت بچائڻ جي ڳڻتي ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.