ڪشمور(دليپ ڪيسواڻي)ڪشمورجو ايس ايس روحل کوسو ھندو پنچائت وٽ پھتو، ھندو پنچائت ۽ مغوي ساگر ڪمار جي وارثن سان ملاقات ڪري 24 ڪلاڪن اندر ساگر کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي،هن چيو ته مغوي ساگر ڪمار جي وارثن جي تڪليف کي محسوس ڪري سگهان ٿو مان پنهنجي ٽيم سميت پوري ڪوشش ۾ رڌل آهيان ته جلد کان جلد ساگر کي بازياب ڪرايان، مغوي ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ لاءِ توهان ڪنهن کي به ڀنگ جي رقم نه ڏيو ڪچي ۾ آپريشن جون تياريون به ھلندڙ آهن ڪشمور پوليس پنھنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي مغوي ساگر کي بازياب ڪرائيندي،هن چيو ته ساگر ڪمار جي اغوا معاملي ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن جن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون تمام جلد ساگر ڪمار کي ڏوهارين کان ريڪور ڪرايو ويندو ھندو پنچائت اڳواڻن ايس ايس پي کي چيو ته توهان کان پھرين گھرو وزير ساگر ڪمار جي گھوٽڪي پوليس ھٿان بازيابي جي دعويٰ ڪئي جيڪا ڪوڙي نڪتي هئي ۽ ايس ايس پي امجد شيخ به اسان جي جذباتن سان کيڏيو پر بازياب نه ڪرايو توهان مان پراميد آهيون ته توهان ايس ايس امجد شيخ وارو واعدو نه ڪندا ڏنل ٽائيم مطابق ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائيندا وڌيڪ صبر نٿا ڪري سگهون،