ڪراچي (رپورٽر) ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾ پاس اميدوارن کي داخلا نه ڏيڻ تي يونيورسٽيز بورڊ جي سيڪريٽري، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ رجسٽرار کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾ ايل ايل ايم جي داخلا پاليسي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار اڪمل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ايل ايل ايم ۾ داخلا لاءِ پهرين آگسٽ تي انٽري ٽيسٽ ورتي هئي، اميدوارن امتحان پاس ڪيو پر انٽرويو ڪال لاءِ ناهي گهرايو ويو، يونيورسٽي طرفان داخلا پاليسي ۾ تبديلي ڪري من پسند ماڻهن کي فائدو ڏنو ويو آهي، ڪامياب اميدوارن کي داخلا نه ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، سموريون داخلائون رد ڪيون وڃن، عدالت يونيورسٽيز بورڊ جي سيڪريٽري، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جي رجسٽرار کي نوٽيسز جاري ڪندي ڌرين کان 2 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.