پاڪ، ترڪ مضبوط لاڳاپا هميشه قائم رهندا: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج ترڪيه جي بري فوج کي ڪيترن ئي شعبن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ  جي لاءِ هميشه تيار آهي ۽ پاڪ ترڪ مضبوط ۽ سٺا لاڳاپا هميشه قائم رهندا، آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير اسلامي ملڪ ترڪيه جو دورو ڪيو، آرمي چيف انقره ۾ ترڪيه جي عظيم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گل رکيا، آرمي چيف جي ترڪ لينڊ فورسز جي هيڊ ڪاورٽرز آمد تي هُن جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته چست دستي هُن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، آرمي چيف جنرل عاصم منير پنهنجي دوري دوران ترڪ صدر رجب طيب اردوان، پرڏيهي، دفاع، ترڪ جنرل اسٽاف جي ڪمانڊر، ترڪيه جي بري ۽ فضائيه فوج جي ڪماندرن سان به ملاقاتون ڪيون، خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي لاءِ ترڪيه فوج جي ڪوششن کي ساراهيندي ترڪ فوج جي آپريشنل تيارين جي معيار جي تعريف پڻ ڪئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا مضبوط آهن ۽ اهي هميشه قائم رهندا، پاڪستان هميشه پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ مصيبت ۽ فتح جي گهڙين ۾ گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا رهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.