ڊاڪٽر شمشاد اختر سان ايران جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي ۽ محصولن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا عامري مقدم  اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۽ مستقبل جي اقتصادي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ڌرين گڏيل سهڪار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

پنڊي ڀٽيان ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ، ڪڻڪ ۽ يوريا ڀاڻ هٿ، گودام سيل

پنڊي ڀٽيان(م ڊ) اسسٽنٽ ڪمشنر پنڊي ڀٽيان راشد اقبال پنهنجي ٽيم سان گڏ مختلف گودامن تي ڇاپا هڻي وڏي مقدار ۾ کنڊ، ڪڻڪ ۽ يوريا ڀاڻ هٿ ڪري ورتو  آهي، ڇاپن دوران مجموعي طور تي 20450 ٻوريون کنڊ، 17000 ٻوريون ڪڻڪ ۽ 1100 ٻوريون ڀاڻ جون هٿ ڪيون آهن، جيڪي ناجائز منافعي خوري لاءِ گودامن ۾ اسٽاڪ ڪيون ويون هيون، اسسٽنٽ ڪمشنر گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

جهاز ۾ خيرات گهرڻ واري وڊيو جي ترديد

ڪراچي (رپورٽر) سول ايوي ايشن اٿارٽي سوشل ميڊيا تي فقير جي جهاز ۾ پنڻ واري وڊيو جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته اها وڊيو پاڪستان جي ناهي. سي اي اي  ترجمان مطابق اها لڳ ڀڳ 5 سال پراڻي وڊيو آهي جنهن کي دوحه شيراز فلائٽ ۾ فلمايو ويو. هن چيو ته ڪراچي کان بنڪاڪ لاءِ ڪا به ٽي جي 507 فلائيٽ آپريٽ نه ٿيندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.