ماٿيلي ۾ مولوي طرفان بدفعلي بعد گم نينگر بيهوشي حالت ۾ هٿ

ميرپورماٿيلو (رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلي ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ ميرپورماٿيلو شهر جي پراڻي مارڪيٽ ۾ مسجد جي پيش امام پاران  مبينا نوجوان سان بدفعلي ڪرڻ بعد گم ڪيو ويو ھو جنھن کي مبينا ميرپورماٿيلو پوليس بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ ڪري ورتو، ميرپورماٿيلو ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پراڻي مارڪيٽ ۾ مسجد جي پيش امام عظيم سومرو پاران شاگرد طارق دايو کي بدفعلي ڪرڻ بعد کيس گم ڪيو ويو ھو گم ٿيل نينگر کي پوليس مسواھ وٽان ھٿ ڪري ورتو، ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي رابطو ڪرڻ ٿاڻي تي موجود خليل احمد دايو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي جاچ ھلي پئي ۽ اڄ اسان کي اطلاع مليو ته گم ٿيل شاگرد طارق دايو مسواھ وٽان وڻ ھيٺان بيھوشي جي حالت پيل آھي، پوليس بروقت اتي پھتي ۽ ڏٺو ته واقعي طارق دايو بيھوشي جي حالت ۾ پيل آهي جنھن کي پوليس اتان کڻائي ميرپورماٿيلو ٿاڻي آندو، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاگرد طارق دايو ھن محل نيم بيھوش آھي ھوش اچڻ کان پوءِ بيان رڪارڊ ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويندو جڏھن ته ان معاملي ۾ ملوث ٻيو جوابدار اياز چاچڙ کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.