جيل کاتي ۾ ڪرپشن خلاف جاچ شروع

ڪراچي ( رپورٽر) جيل کاتي ۾ ڪرپشن خلاف جاچ شروع  جيل کاتي ۾ ڪرپٽ سسٽم خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي تفصيل موجب  جيل کاتي جي بااثر آفيسر سنيل حسين شاهه 90 ڏينهن جي موڪل وٺي ڇڏي آهي. سنيل حسين خلاف ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جا الزام آهن .جوابدار خلاف نيب ۽ ٻين ادارن ۾ جاچ جاري آهي. 16 گريڊ جي آفيسر طور، سنيل کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي پوسٽن جي چارج ڏني وئي هئي.سنيل حسين شاهه آءِ جي سنڌ جو پي ايس او ۽ جيل واري صوبائي وزير جو ترجمان به رهيو. هو هيڊ آف اڪائونٽس آءِ جي جيل جي عهدي تي رهيو.  سنيل  آءِ جي جيل جا سمورا مالي معاملا به ڏسندو هو.سنيل حسين شاهه جي موڪل کانپوءِ شيراز حيدر کي آءِ جي جيل جو پي ايس او مقرر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان حڪم جاري ڪيو ويو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.