ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو ۽ جيل واري وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو گڏيل رابطن جي ذريعي شهر مان اسٽريٽ ڪرمنلز، منشيات وڪرو ڪندڙن، قبضا مافيا ۽ غير قانوني مهاجرن جي خلاف انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون تيز ڪن، اجلاس ۾ گهرو کاتي جو سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، آءِ جي پي سنڌ رفعت مختار، ايڊيشنل آئي جي پي ڪراچي خادم حسين رند، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي، گهرو وزير هدايت ڪئي ته صوبي جي ڪچي علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن خلاف آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو .