ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪامل شاهه لاڙي وٽ نوجوان مراد علي بنگوار جو گوليون لڳل لاش ھٿ آيو،ڳوٺاڻن لاش کي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ۽ مقتول جي وارثن لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي چاچي دوست علي بنگوار جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان مراد علي بنگوار ھاءِ وي کاتي ۾ ڪلارڪ هو، هن چيو ته ڪنھن سان به دشمني نه ھئي ڀائيٽي کي رات جو هٿياربند گوليون ھڻي موٽرسائيڪل به ڪاھي ويا خبر نه آھي ڪنھن اهڙو ظلم ڪيو آهي، پوليس موجب نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.