نوابشاهه ڀرسان عدالت ويندڙن مٿان حملو، نوجوان قتل، هڪ زخمي

نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ هڪ  ڄڻو قتل ٿي ويو، هڪ زخمي ٿي پيو، بينظير پبلڪ  اسڪول وٽ ٻن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاضي احمد جي ڳوٺ محمد صديق خاصخيلي جو رهواسي غلام عباس ولد علي حسن خاصخيلي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، حبيب الله خاصخيلي زخمي ٿي پيو ۽ ذوالفقار خاصخيلي معجزاڻي طور بچي ويو، مقتول جي وارثن محمد حنيف خاصخيلي ۽ ممتاز خاصخيلي ٻڌايو ته سال اڳ غلام عباس ۽ علي مُراد گاڏهي وارن جو جهيڙو ٿي پيو، مخالفن جو نينگر گم ٿي ويو هو، ڳولا بعد ان جو لاش مليو، سئوٽ غلام عباس تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو،عدالت ۾ غلام عباس، حبيب الله ۽ ذوالفقار موٽرسائيڪل تي اچي رهيا هئا ته تاڙ ۾ بيٺل گاڏهي ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، غلام عباس قتل ٿي ويو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.