ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ جامعه ابوبڪر مدرسي جو استاد قتل ٿي ويو، ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 16 جي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ جامعه ابوبڪر جو استاد 46 ورهين جو شيخ ضياءُ الرحمان مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل ضياءُ الرحمان مدرسي جامعه ابوبڪر جو استاد هو، واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جا 7 خول مليا آهن، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول ضياءُ الرحمان کي مٿي تي گوليون لڳيون هيون، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو لڳي ٿو. ، ٻئي پاسي واقعي جو ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند گلستان جوهر بلاڪ 16 ۾ جامعه ابوبڪر مدرسي محمود ضياءُ الرحمان جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نوٽيس ورتو، ڪراچي پوليس چيف ڊي آءِ جي ايسٽ کان واقعي جي مڪمل تفصيلي انڪوائري رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا .