سيڪريٽ ايڪٽ، عمران خان ۽ شاهه محمود جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ

اسلام آباد (م ڊ)آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ  ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي. سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف چيئرمين جو اٽڪ جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جو قانون واري وزارت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ليگل ٽيم جي 9 وڪيلن کي اٽڪ جيل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن ته سائفر ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم به اٽڪ جيل ۾ موجود هئي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 27 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هوڏانهن شاهه محمود جي رمانڊ ۾ به 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.