اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صدر وٽ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي، صدر جي اختيار تي اعظم نذير تارڙ جو بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿو، اليڪشن ۾ بلاول اسان سان مقابلي ۾ هوندو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي، صدر جي خط جي ڪا به حيثيت ناهي، بلاول جو بيان سياسي آهي