پيپلز پارٽي سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو آهي: لال جروار

سجاول (پ ر) سامونڊي پٽي تي قبضن، زمينن جي  نيلامي، بوگس آدمشماري ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شهر ۽ 22 سيپٽمبر تي سجاول شهر ۾ عوامي تحريڪ جي اعلانيل احتجاجي ريلين ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت لاءِ عوامي تحريڪ  جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، علي محمد پرويز ميمڻ، محمد علي ٽالپر، حسين آزاد، مجيد ساگر جا سجاول جي مختلف ڳوٺن جا دورا. ان سلسلي ۾ سجاول پريس ڪلب ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي وقت کان اڳ غير آئيني ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌي عوام کي دائيمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي ان سازش ۾ پيپلز پارٽي ملوث آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ جو سودو ڪيو آهي. افسوس جهڙي ڳالھ آھي ته بلاول ڀٽو زرداري جي پيپلز پارٽي 15 سال سنڌ ۾ حڪومت ڪئي آهي ۽ هاڻي سوال ٿو ڪري ته افغانستان ۾ استعمال ٿيندڙ آمريڪي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ ڪٿا ٿا اچن. اهو سوال ته سنڌ جو عوام بلاول ڀٽو زرداري کان ٿو ڪري ته اوهان سنڌ ۾ 15 سال حڪومت ڪئي آهي ان جو جواب بلاول ڀٽو زرداري کي ڏيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، سجاول، ٺٽو، ڪراچي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي تي ڌارين کي قابض ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.