ڪراچي (م ڊ) چين طالبان جي عبوري حڪومت دوران افغانستان ۾ سفير مقرر ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو، افغان ميڊيا موجب نائب ترجمان طالبان بلال ڪريمي جو چوڻ آهي ته چيني سفير زائو شينگ وزيراعظم ملا حسن اخوند کي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون، هن ٻڌايو ته وزيراعظم ملا حسن اخوند سفارتي تقريب ۾ چيني سفير جي سند قبول ڪئي، افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت جي قيام بعد هي ڪنهن ملڪ جي سفير جي پهرين مقرري آهي، 2021 ۾ افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول بعد هن وقت تائين ڪنهن ملڪ طالبان حڪومت کي باضابطه تسليم نه ڪيو، واضح رهي ته افغانستان ۾ 2019 ۾ مقرر چيني سفير جو ملازمت وارو مدو گذريل مهيني ختم ٿي ويو هو.