اسلام آباد(م ڊ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته صدر پاڪستان قومي اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ تجويز ڪئي آهي پر ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ جو بنيادي اختيار اليڪشن ڪميشن کي آهي.منهنجو پنهنجو اندازو آهي ته چونڊن لاءِ جنوري جي وچ يا آخر ۾ ڪو به ڏينهن مقرر ٿي سگهي ٿو،هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سندس حڪومت ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ ڀرپور حمايت لاءِ تيار آهي.پاڪستان جي معاشي مسئلن جي حل ۾ فوج جي مدد بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ فوج جي هڪ ادارتي قوت آهي ۽ جڏهن به ان کي ڪنهن به صورت ۾ استعمال ڪيو ويو ته ان جا بهتر نتيجا نڪتا، پر اهو مسئلي جو مستقل ناهي هن چيو ته اصل ۾ اسان جي سول ادارن کي ان حوالي سان ڪم ڪرڻو هو پر اهي خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي پنهنجي مرضيءَ سان ڪم نٿا ڪري سگهن ته پوءِ ڇا اهو حل آهي ته فوج جي صورت ۾ ملڪ ۾ جيڪي مضبوط ادارا آهن انهن کي به ڪمزور ڪيو وڃي؟حل اهو ناهي، حل اهو آهي ته سول ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ جيستائين اهو ڪم نٿو ٿئي تيستائين ملٽري يا مضبوط ادارن کان اهو اضافي ڪم ورتو وڃي.هن چيو ته موجوده آرمي چيف ان معاملي ۾ تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي.اسمگلنگ کي روڪڻ ۾ آرمي چيف جو اهم ڪردار آهي،هن چيو ته غير قانوني افغانين جي واپسي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي،اهي افغانين جي به چيڪنگ ڪري رهيا آهن جن غير قانوني طور شناختي ڪارڊ ٺاهيا آهن افغان جيڪي مڪمل طور تي غير قانوني آهن، جيڪو تمام وڏو انگ آهي، انهن کي جلد واپس افغانستان موڪليو ويندو،هن چيو ته دهشتگرديءَ سبب 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، انهن لاءِ ڪو نه ٿو ڳالهائي، پر ڪجهه لاپتا ماڻهن لاءِ هر ڪو ڳالهائي ٿو،هن چيو ته جيڪڏهن شاهه محمود کي قانون موجب هٿڪڙيون لڳل آهن ته پوءِ اهو صحيح آهي،قانون ۽ ادارا فيصلو ڪندا ته نواز شريف کي وطن واپسي تي هٿڪڙيون لڳڻ گهرجن يا نه،9 مئي سانحي جهڙو واقعو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي،ڪنهن جي گهر کي باهه ڏيڻ قبول ناهي، چاهي ڪيترو به ناخوشگوار هجي يا ڪو مسئلو هجي،هن چيو ته هر حڪومت ڪجهه سٺا ۽ ڪجهه خراب فيصلا ڪندي آهي جيڪڏهن سياسي پارٽين وٽ معاشي پلان نه هوندو ته مشڪلاتون وڌنديون،هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جا ڪجهه سياستدان ايراني تيل ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، بيوروڪريسي جا ماڻهو به ان اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، انهن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ ثبوت گڏ ڪري رهيا آهيون، سمورن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سمورا ثبوت گڏ ڪري رهيا آهيون جيڪي جلد سڀني جي سامهون هوندا