چونڊن جي تاريخ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي: قانون وارو نگران وفاقي وزير

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ۽ صوبائي قانون وارن نگران وزيرن جمهوريت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ چونڊون شفاف نموني منعقد ڪرائڻ  کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته آئين موجب عام چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو واحد اختيار آهي، فيڊريشن کي مضبوط بڻائڻ، سمورن وفاقي يونٽن وچ ۾ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي چونڊ هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجي. اربع ڏينهن قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب قانون ۽ انصاف واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ايندڙ عام چونڊن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس دوران سمورن قانون وارون وزيرن جمهوريت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ چونڊون شفاف نموني منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. متفقه طور تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آئين کي مجموعي طور تي وڌائڻ گهرجي ۽ آئين جي ڪنهن به شق کي ٻين لاڳاپيل شقن کي ڌار ڪري نه پڙهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.