پي آءِ اي کي فنڊ ملڻ جو آسرو، بحران برقرار

اسلام آباد(م ڊ) پي آءِ اي کي آپريشن جاري رکڻ لاءِ  ناڻي واري وزارت کان فنڊ ملڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت پاران قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي آپريشنز جاري رکڻ لاءِ 14 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي 260 ارب رپين جي قرض جي واپسي ۾ دير جي مهلت ڏني آهي، حڪومت ضمانت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پي آءِ اي مالياتي آپريشنز لاءِ ناڻي واري وزارت کان 22 ارب 80 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا هئا. ذريعن موجب پي آءِ اي ناڻي واري وزارت کان فنانشل آپريشنز لاءِ 22 ارب 80 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.