ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) نگران سنڌ ڪابينا جو پهريون اجلاس اڄ خميس واري ڏينهن وزير اعلي هائوس ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت سنڌ ي نگران وڏو وزير مقبول باقر ڪندو، ان سلسلي ۾ ڪابينا اجلاس جو 9 نقاطي ايجنڊا پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ امن امان جي بحالي، نگران حڪومت جي چونڊ بابت ذميوارين تي غور ڪيو ويندو. وفاق کي ڪراچي ۾ رينجرز جون خدمتون وڌيڪ 90 ڏينهن لاءِ ڏيڻ جي درخواست ايجنڊا ۾ شامل آهي جڏهن ته گهرو کاتي لاءِ گاڏين جي خريداري جي منظوري نگران سنڌ ڪابينا کان ورتي ويندي اهڙي طرح سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهيبليٽيشن سيٽلائيٽ سينٽر سکر لاءِ 3 ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آپٿلمولوجي اينڊ ويزول سائنس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.ان حوالي سان ذريعن موجب نگران سنڌ ڪابينا ۾ آئوٽ آف ايجنڊا تحت سنڌ ۾ڪچي ۾ ڌاڙيِلن خلاف ڪلين اپ آپريشن لاءَ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان آپريشن ڪيو ويندو ڪابينا کي غير قانوني افغان مهاجرن خلاف آپريشن بابت به بريفنگ ڏني ويندي،